ٺٽو
پاڪستان آرمي ڀرتي ٽيم جي انچارج وريام خان بلوچ پڌرو ڪيو آھي تہ ٺٽو ۽ سجاول ضلعن جي پڙھيل نوجوانن کي فوج ۾ ڀرتي ڪرڻ لاء سڀاڻي سومر جي ڏينھن ضلعي ٺٽي جي نوجوانن کي ڊگري ڪاليج مڪلي ۾ صبح 11 وڳي جڏھن تہ ضلعي سجاول جي نوجوانن کي صبح ساڍي 8 وڳي ڊگري ڪاليج سجاول ۾ سپاھي جي پوسٽ تي ڀرتي ڪيو ويندو، اھِڙا خواھشمند اميدوار مقرر ڪيل سينٽر تي وقت جي پابندي سان پھچي پاڻ کي فوج ۾ ڀرتي ڪرائي بھتر روزگار ڪمائڻ سام گڏ ملڪ ۽ قوم جي بھتر خدمت ڪري سگھن. وريام خان بلوچ ڄاڻايو آھي تہ ٺٽو ۽ سجاول ضلعن لاء وڌيڪ سيٽون رکيون ويون آھن، جيئن ٺٽو ۽ سجاول ضلعن جي نوجوانن کي وڌ کان وڌ فوج ۾ ڀرتي ڪري سگھجي.
وڌيڪ رابطي لاء وريام خان بلوچ فون نمبر
03053376658
03352313307

Comments
Post a Comment